اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز تي ٻڌل ڊويزن بينچ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي يونين ڪائونسلن جو انگ وڌائڻ بابت ڪابينا اجلاس جا منٽس ۽ سمري طلب ڪري ورتي آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران نواز ليگ جي وڪيل عادل عزيز قاضي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل سردار تيمور اسلم، جماعت اسلامي جي وڪيل حسن جاويد سورش، راجا انعام امين منهاس، ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل، اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي قانون ۽ ٻين کانسواءِ طارق فضل چوڌري، علي اعواڻ، ميان محمد اسلم به عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته سنگل بينچ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر چونڊون نه ٿيون، هاڻي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن اليڪشن نه ٿي سگهي ته هن وقت چونڊن جو ڪو شيڊول ناهي، درخواستگذار جي وڪيل راجا انعام امين منهاس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم تي ايتري گهٽ وقت ۾ عمل ڪرائڻ مشڪل هو. بينچ اسان کي نه ٻڌو نه ته اهو حڪم نه اچي ها، عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار جا جيڪي ووٽر آهن اهي ڪيئن متاثر ٿين ٿا؟ چونڊون 31 آگسٽ تي ٿيڻيون هيون پر ائين نه ٿيون، چونڊون هاڻي ٿيڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن اڄ به توهان جا مسئلا ٻڌي سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن گذريل ڀيري به چيو هو ته ووٽرن جو مسئلو ناهي، چيف جسٽس چيو ته هاڻي سنگل بينچ جو معاملو رڳو 101 يونين ڪائونسلن جي تائين محدود آهي، ووٽر لسٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن نه پر هاءِ ڪورٽ کي ڏسڻو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن نمائندن کي نه پر ووٽرن جي متاثر ٿيل حقن کي ڏسندي، ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ووٽر لسٽن جو معاملو ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ به هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اڃا اوهان اليڪشن ڪرائي ناهي، ڪرائڻي آهي، اوهان جيڪڏهن اليڪشن ڪرائي ڇڏيو ها ته هي معاملو نه اچي ها.اوهان جي چوڻ جو مطلب آهي ته شيڊول کان اڳ ووٽر فهرستن تي اعتراض ڪري سگهون پيا، جڏهن اليڪشن جو شيڊول جاري ڪيو ويندو آهي تڏهن نيب ووٽر لسٽن جي حوالي سان ڪابه ڪارروائي ممڪن نه آهي. جنهن تي ڊي جي قانون چيو ته اسلام آباد جي مڪاني چونڊن جو نئون شيڊول اڃا اچڻو آهي، سنگل رڪني بينچ سڀني کي ٻڌو، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته اوهان جو معاملو يونين ڪائونسلن ۽ ووٽر لسٽن جو آهي. يونين ڪائونسلن جي حد تائين داخل ڪيل درخواستن کي مرڪزي اپيلن ۾ ضم ڪري ڇڏيو ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته اصل ۾ هي ڪيس وفاق جو آهي ۽ توهان کي عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو، هڪ سال ۾ يونين ڪائونسلن جو انگ 50 مان 125 ڪيئن ٿي ويو؟ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ڪرائي رهي هئي ته انگ وڌڻ جو معاملو سامهون آيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اڄ نيون اپيلون به داخل ڪيون ويون آهن، جنهن تي وڪيل چيو ته سنگل بينچ ووٽرن جي معاملي کي ناهي ڏٺو. ڊي جي قانون چيو ته ووٽر لسٽون ڏسڻ جو اختيار ضلعي اليڪشن ڪمشنر جو آهي، کين ووٽر لسٽون درست ڪرڻ لاءِ 28، 29، 30 ڊسمبر تي ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو ويو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ووٽر لسٽون درست ڪيون وڃن. خدشو تڏهن آهي جڏهن سنگل بينچ جو فيصلو برقرار آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت موجب يو ايس جي 125 ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ووٽرن جو مسئلو نه رهندو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز جي فراهمي جو نوٽيفڪيشن به ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن 101 يوسيز ۾ چونڊن لاءِ تيار آهي، اصل معاملو وفاقي حڪومت سان آهي، سنگل بينچ مطابق وفاق ان جي ڪابه ٺوس ڳالهه نه ٻڌائي سگهيو، چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ جو احترام آهي پر لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ اڃا ناهي ٺاهيو ويو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 12 جنوري تي گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل سردار تيمور اسلم چيو ته اسان توهين عدالت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪائونسلن جي حد تائين چونڊون ڪرايون وڃن ته ڪيترا ڏينهن لڳندا؟، جنهن تي ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن چيو ته 101 يونين ڪائونسلن ۾ چونڊون 7 کان 10 ڏينهن تائين ڪرائي سگهون ٿا. چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت ايندڙ ٻڌڻي تي يونين ڪائونسلن جي تعداد ۾ واڌ بابت ٺوس دليل ڏئي ۽ عدالت کي مطمئن ڪري، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.