نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) ايم سڪس ميگا موٽروي ڪرپشن ڪيس، موٽروي زمين جي خريداريءَ لاءِ ٽن ارب روپين جو گھپلو ھنيو ويو هو ان جي جاچ تيز ٿيڻ بجاءِ سرد خاني حوالي ٿي وئي آهي، جاچ ڪندڙ ادارا مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انھن تي ھٿ رکي رھيا آھن، جنھن ڪري ڪيس جو مک جوابدار خالد چنا سرعام گھمڻ لڳو آھي، جوابدار خالد چنا نوشھروفيروز ۽ ٺاروشاهه ۾ مختلف تقريبن ۽ ڪاڄن ۾ شرڪت ڪئي، جنھن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آھن، جڏهن ته مک جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جاچ ڪندڙ ادارن پاران ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي، جاچ ڪندڙ ادارن اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آھي ته  جوابدارن جاچ ڪندڙ ادارن سان ڊيل ڪئي آھي، ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر زمان اعواڻ ٻڌايو ته جوابدار جي ضمانت ناھي ٿيل، ضمانت ٿيل ھجي ھا ته اسان کي اطلاع ضرور ملي ھا، خبر ناھي ته جوابدار ايئن سرعام ڪيئن گھمي رھيو آھي، هوڏانهن ميگا ڪرپشن ڪيس جا ٻيا جوابدار اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم، ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، اصغر جتوئي، ٺارو خان ۽ مختيار ڪار ڀريا نياز اڄڻ به قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگھيا آھن.