سبسڊي تي ڪڻڪ وٺڻ باوجود بند پيل فلور ملون ۽ اٽي چڪين  کي سيل ڪرڻ جو فيصلو

0
121

ڪراچي: سنڌ ۾ سبسڊي تي ڪڻڪ وٺڻ باوجود بند پيل فلور ملون ۽ اٽي چڪين  کي سيل ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي

سنڌ جي خوراڪ کاتي جي اختيارين سمورن ڊي ايف سيز کان بند پيل فلور ملن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

خوراڪ کاتي وٽ 4 لک 55 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو  اسٽاڪ موجود هُجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي 2 لک 27 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ رليز ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي

خوراڪ کاتي موجب آڪٽوبر ۾ 2 لک 10 هزار ميٽرڪ ٽن، نومبر ۾ 2  لک 10 هزار ، ڊسمبر ۾ 2 لک 27 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ رليز  ٿي آهي