مون کي 50 هزار نٿا کپن، فطري لنگهه بحال ڪريو

0
127

 سنڌ ثقافت کاتي ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيڻ لکين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻ عيوض مون کي ياد رکيو ۽ پنجاھه هزار رپين جو چيڪ موڪلڻ جو چيو جيڪو مون سندن ٿورن سان گڏ وٺڻ کان انڪار ڪندي واپس ڪري ڇڏيو آهي. مون سميت اسان جي علائقي جي ماڻهن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. آئون بي گھر ٿيل انسانن سان گڏ آهيان. هن موقعي تي ثقافت کاتو جيڪو سنڌ حڪومت جو اهم حصو آهي ان کان گُهر ٿو ڪريان ته مون کي پنجاھ هزار رپيا نٿا گهرجن پر لکين انسانن جي دربدري جو سبب بڻجندڙ پُراڻ نديءَ ۽ هاڪڙي ڍوري جي فطري لنگهن جا رستا بحال ڪريو زيرو پوائنٽ تان ڪٽ هڻو، منهنجي ڳوٺ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪريو ته جيئن اسان جي واپسي ممڪن ٿئي اهو مون لاءِ کوڙ آهي. (ايوب کوسو  جي فيس بوڪ وال تان ورتل)