لاهور: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ٽيليفون ذريعي مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي فون ڪري سندس آزادي تي کيس مبارڪ باد ڏني. شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس صحت بابت پڇا ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي ايجنڊا سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي پي ڊي ايم جو اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا جي شدت، ملڪ ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ۽ موت جي شرح ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.