ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 923 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. صوبي ۾ فوتين جو ڪل انگ 4،593 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪورونا مان وڌيڪ 267 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، هن وقت 10861 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 464 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته 52 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.