گمبٽ ( ن پ ا ) گمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 مريض عورتون فوت ٿي ويون، اڄوڪي ڏينهن اندر فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي، جنهن جي گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي پاران تصديق ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس وگهي فوتين ۾ سکر واسڻ 68 ورهين جي بشيران ۽ سوڀوديرو واسڻ پيرسن عورت حاڪم زادي شامل آهن، فوتين جا مڙهه ايس او پي تحت وارثن حوالي ڪيا ويا آهن……