پيرجوڳوٺ ويجهو وڏا ماڇيون واسڻ عورت ٻن ٻارن سميت مبينا طور اغوا ٿي وئي، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته شبنم لوڊو چار ڏينهن اڳ شڪارپور ويندي رستي مان گم ٿي وئي، عورت شبنم کي ڪجهه عرصو اڳ مڙس طلاق ڏني هئي، علائقي ۾ چئوٻول هلندڙ آهن ته شبنم لوڊو اڻڄاتل ماڻهن جي ڪال تي وئي جنهن بعد اغوا ٿي وئي