موسمياتي تبديلي ڪارڻ لڏيندڙ ماڻهن جي ڏکائين ۾ وڌيڪ اضافو

0
185
لڏيندڙ ماڻهن جي ڏکائين ۾ وڌيڪ اضافو
موسمياتي تبديلي ڪارڻ لڏيندڙ ماڻهن جي ڏکائين ۾ وڌيڪ اضافو

ڪراچي )رپورٽ: اياز بروهي( پاڪستان جو انهن ملڪن ۾ شمار ٿيندو آهي جيڪي موسمياتي تبديلي کان سخت متاثر آهن، گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس پنهنجي 2020ع ۾ ڪيل رپورٽ ۾  ڄاڻايو ته موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن ۾ پاڪستان 8 نمبر تي آهي، موسمياتي تبديلي سبب زرعي شعبي سميت انڊس ڊيلٽا مينگروز، جنگلي حيات ۽ انساني آبادي سخت متاثر ٿيا آهن، ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌو جي پڇڙي ۾ ڊيلٽا واري علائقي هيٺ آباد لکين ايڪڙ زمينون سامونڊي چاڙهه سبب بنجر ٿي ويون آهن جنهنڪري زرعي شعبي سان واڳيل ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن

موسمياتي تبديلي سبب ٺٽو، بدين ۽ سجاول مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف علائقن ۾ آباد ٿيا آهن ۽ سندن تمام ڏکين حالتن ۾ زندگي جو گذر ٿي رهيو آهي، انڊس واري علائقي ۾ دريائي پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل مقدار ۾ نه پيو ملي، جنهن سان ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي

ڪراچي جي پسمانده علائقي ريڙهي ڳوٺ جي پاڙي ۾ ڊيلٽا واري علائقي مان لڏپلاڻ ڪري آباد ٿيندڙ مهاڻن جي حالت به گهڻي خراب آهي سندن زمينون ۽ ڳوٺ ڊيلٽا واري علائقي ۾ سامونڊي چاڙهه سبب ٻڏي ويا هئا ۽ پوءِ هنن باقي زندگي گذارڻ ۽ اجهي لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ هتي آباد ٿيا پر سامونڊي چاڙهه سندن ڪراچي ۾ به پيڇو نه ڇڏيو، ريڙهي ڳوٺ ۾ دٻلو پاڙي جي رهواسي حسين ميربحر جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪجهه سال پهريان هنن هتي پنهنجا اجها قائم ڪيا هئا ته ان وقت سامونڊي چاڙهه جو امڪان نه هيو پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي چاڙهه وڌندو ويو ۽ هاڻ ان اسان جي گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري اسان هاڻ پنهنجا گهر مٿي ڪرڻ ۾ رڌل آهيون، زندگي هتي ڏاڍي ڏکي گذري پئي پر پاڻ وٽ هاڻ ڪو بيو رستو به ناهي بچيو

فدا حسين چانڊيو ۽ ٻين جي 2011 دوران ڪيل گڏيل ريسرچ موجب سامونڊي چاڙهه سبب روزانو 80 ايڪڙ زمين ڊيلٽا واري علائقي ۾ سمنڊ حوالي ٿي وڃي ٿي ۽ هن وقت 2011ع تائين 30 لک ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي

سماجي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم جي  هڪ رپورٽ موجب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي کي سامونڊي کاڍ کان سخت خطرا آهن جڏهن ته موسمياتي تبديلي جا اثرن تحت هي خطرا ٻيڻا ٿي ويا آهن

ماهيگرين جي تنظيم فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ڪمال شاهه چيو ته ڊيلٽا واري علائقي ۾ ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ما 20 هزار مهاڻا بيرزگار ٿي ويا آهن جن روزگار خاطر حيدرآباد ۽ ڪراچي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، هنن جو خانداني پيشو مڇي جو شڪار (فشنگ) آهن جنهنڪري ٻئي هنڌ هنن جو آباد ٿيڻ لاءِ کين ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن، هن جو چوڻ هو ته ٽنهي ضلعن ۾ مهاڻن جو ايترو نقصان ٿيو آهي جو هاڻ اتي مڇي جو ڪاروبار ممڪن ئي ناهي، جنهن جو مطلب صاف ظاهر آهي ته هاڻ مقامي ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مهاڻن سان گڏوگڏ زراعت واري شعبي سان لاڳاپيل وڏي آبادي پڻ متاثر ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته لکين ايڪڙ آباد ٻني سمنڊ جي هيٺ اچي وئي آهي ان ٻني تي هزارين خاندانن جا گهر آباد هئا پر هاڻ اها زمين ان قابل ناهي رهي جو اتي ڪنهن فصل جي پوکي ڪري سگهجي، نتيجي ۾ ايڏي وڏي آبادي پنهنجا قبائلي ماڳ ڇڏڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، اهو نه صرف عام ماڻهو کي نقصان پهتو آهي پر گڏوگڏ پاڪستان جي قومي پيداوار ۾ به وڏي پئماني تي ڪمي ٿي آهي ڇو جو زراعت ۽ مڇي جي ڪاروبار جو پاڪستان جي معيشت ۾ وڏو حصو آهي

 

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشينو گرافي جي ان وقت جي چيف ڊاڪٽر آصف انعام 2015ع ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ کي خط لکي آگاهه ڪيو هو ته ملڪ جي سامونڊي پٽي ۾  انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي جنهن تي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ايندڙ 20 کان 25 سالن ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جو وڏو حصو سمنڊ جي کاڍ ۾ اچي ويندو جڏهن ته 40 کان 50 سالن ۾ ڪراچي جون سامونڊي وستيون سمنڊ جي چاڙهه سبب مڪمل طور تي ٻڏي وينديون

 آبي وسيلن واري وفاقي وزير علي زيدي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پاڻي جا ذخيره گهٽجندا ٿا وڃن جڏهن ته ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي پر نااتفاقي ۽ اڳوڻين حڪومتن جي عدم دلچسپي سبب ملڪ ۾ ڊيم ٺهي نه سگهيا آهن، موجوده حڪومت پاران ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن نوان ڊيم ٺاهي سگهجن پر اڃا تائين خاطرخواه اڳڀرائي ناهي ٿي، سڄي دنيا ۾ گلوبل وارننگ سبب گليشئر پگهرجن پيا جنهنڪري پاڻي جي ذخيرن جي کوٽ ٿئي پئي، علي زيدي لڏلاڻ ڪندڙ مهاڻن بابت چيو ته ان جو حل انهن علائقن ۾ صاف پاڻي جي  موجودگي جو هجڻ آهي ان کان علاوه سمنڊ جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ به اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ ان معاملي تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سي سي آءِ ۾ بحث پڻ ڪيو ويندو