ڪراچي جي ٽائونن جا نالا مورڙو ميربحر ۽ چنيسر ڇو ؟ متحده جا اعتراض

0
550
ڪراچي جي ٽائونن جا نالا مورڙو ميربحر ۽ چنيسر ڇو ؟ متحده جا اعتراض
ڪراچي جي ٽائونن جا نالا مورڙو ميربحر ۽ چنيسر ڇو ؟ متحده جا اعتراض

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل اعلان ڪيو آهي ته نئين تڪ بندين کي هر سطح تي روڪيو ويندو، انهي خلاف عدالت ۾ درخواست به داخل ڪئي ويندي، ڪٿي گهٽ آبادي تي ٽائون ٺاهيا ويا آهن، ڪٿي وري گهڻي آبادي کي يو سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان اهڙين  تڪ بندين کي نٿا مڃون، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس  ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي ماڻهن جي دل کٽڻ بدران سازش ذريعي قبضو ڪري رهي آهي،

پ پ جي هر دور  ۾ ڪراچي محرومين ۽ زيادتين جو شڪار رهيو، هن چيو ته ڪراچي ۾  هڪ ٽائون جو نالو لساني بنيادن تي (چنيسر) رکيو ويو آهي، ٻئي پاسي سائيٽ ٽائون جو نالو بدلائي هڪ ڳوٺ (مورڙو ميربحر)جو نالو رکيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت  سياسي مفادن لاءِ  تڪبنديون ڪري رهي آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي آبادي جو فرق رکيو ويو آهي،

اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جا ماڻهو  الڳ صوبي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ (ون يونٽ جي خاتمي بعد)  جنرل يحييٰ جي دور ۾ ڪراچي جي ماڻهن نئين صوبي جي تجويز کي رد ڪيو هو پر پ پ جي تعصب پرست حڪومت ڪراچي جي ماڻهن کي انهي محبت جو صلو نفرت ۽ زيادتين سان ڏنو آهي.