سنڌو درياءِ ۾ پاڻي کوٽ، ٻيلن ۽ جنگلي جيوت جو خاتمو بڻجي ويو

0
566
سنڌو درياءِ ۾ پاڻي کوٽ
سنڌو درياءِ ۾ پاڻي کوٽ، ٻيلن ۽ جنگلي جيوت جو خاتمو بڻجي ويو

ڪراچي  (رپورٽ: اياز بروهي) پاڪستان جو سڀ کان وڏو سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ٻيلا ۽ جنگلي جيوت سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنگلي حيات بابت تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته درياءَ جي پيٽ جنهن کي عام طور تي ڪچي جو علائقو چيو وڃي ٿو اتي ٻيلا 90 سيڪڙو ختم ٿي چڪا آهن، تحقيق موجب جنهن جو ڪارڻ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنهن ڪري جنگلي جيوت جي ڪچي ۾ قدرتي ماحول سان مطابقت رکندڙ رهڻ جي جاءِ ۽ سندن کاڌ خوراڪ به ختم ٿي وئي آهي

سنڌو دريا جو سفر چائنه جي علائقي تبت کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي ٺٽي واري ضلعي ۾ عربي سمنڊ ۾ ختم ٿئي ٿو، لڳ ڀڳ 3200 ڪلوميٽرن تي ٻڌل سنڌو درياءَ جو اهو سفر آهي سنڌو درياءَ گڊو وٽان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو جنهن جو سمنڊ تائين 900 ڪلوميٽر پنڌ آهي، موسمياتي تبديلي سبب گليشر رجن ٿا جنهن سبب پاڻي جي کوٽ موسمياتي تبديلي ۽ سنڌو جي مٿاهين پاسي يعني پنجاب واري علائقي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊيم ڀرڻ ۽ بيراجن ذريعي پاڻي کي ايريگيشن جي مقصد لاءِ موڙيو ٿو وڃي جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وڃي ٿي، پاڻي جي کوٽ سبب دريائي ٻيلا ختم ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي خالي ٿيل زمين تي وري بااثرن ماڻهن قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن

پاڪستان جي چئني صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ بابت 1991ع ۾ معاهدو ڪيو ويو هو جنهن ۾ اهو طئي ٿيو هو ته سنڌ کي پوري سال ۾ 48 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهم ڪيو ويندو پر ان معاهدي تي جيئن جو تيئن اڃا تائين عملدآمد نه ٿي سگهيو آهي، پنجاب جي علائقن ۾ طاقت جي زور تي مختلف بئراجن وٽان معاهدي جي ابتڙ پاڻي زرعي مقصدن لاءِ موڙيو ويندو آهي

سنڌ جي ايريگيشن کاتي موجب سنڌ گذريل 15 سالن ۾ معاهدي تي عمل نه ٿيڻ سبب 15 کان 20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏنو آهي جنهن سبب وڏي پيماني تي زرعي شعبو ۽ دريائي ٻيلن کي نقصان رسيو آهي، معاهدي موجب سنڌ کي ڪڏهن به 48 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ملي سگهيو آهي، سنڌ پاران ڪيترائي ڀيرا ياد دهاني ۽ احتجاج باوجود هن وقت تائين حصي جو پاڻي پورو نه ملي سگهيو آهي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پاران 2021ع دوران به پاڻي جي شديد کوٽ سبب وفاق سان احتجاج به ڪيو، حصي جو پاڻي ڏيڻ بابت مطالبو به ڪيو پر وفاق سنڌ جي هڪ به نه ٻڌي

سانگهڙ سان تعلق رکندڙ جنگلي جيوت بابت محقق نواز ڪنڀر دريائي ٻيلن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دريا جا ٻيلا هاڻ بچيا ئي ناهن، ٻيلن ۾ جيڪي پکي ۽ جانور صدين کان آباد هئا هاڻ دريا ۾ انهن جي رهڻ وارو قدرتي ماحول نه بچيو آهي، مثال طور طوطو پراڻي وڻ ۾ رهڻ پسند ڪندو هو ۽ اتي ئي ٻچا به ڏيندو هو ۽ پنهنجي حياتي گذاريندو هو، تازو آگسٽ 2021ع ڌاري نوابشاهه ۾ چمڙا نظر آيا هئا جيڪي پوليس 400 کان وڌيڪ ماري ڇڏيا ان جو سبب رڳو اهو ئي آهي ته اهي چمڙا سنڌو دريا جي ٻيلن ۾ رهن پيا، ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان انهن جو رهڻ وارو قدرتي ماحول ۽ کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي هئي جنهنڪري هو پڪي واري علائقي ۾ اچي ويا. ان کان علاوه دريائي ٻيلن ۾ گدڙ، لومڙ، سيسر، ڪميون، ڏيڏر، پاڻي وارا نانگ، واڳون سميت ٻئي جنگلي جيوت جا نسل ئي ختم ٿي ويا آهن

محقق نواز ڪنڀر ٻڌايو ته دريائي ٻيلن ۾ ٻٻر، ٽالهي، سرنهن، توت، گدامڙي، لياڙ، ٻير، کبڙ  سميت 50 کان وڌيڪ قسمن جا وڻ هوندا هئا جيڪي پڻ ختم ٿي چڪا آهن، جن مان هاڻ ٻيلن ۾ آگرين تي ڳڻڻ جيترا ڪجهه وڻن جا قسم جن ۾ ڪانڊير، لاسڙ آهن جيڪي بچيا آهن، وڻن جي ختم ٿيڻ سبب  ڦاڙها، تتر، ڳيرن سميت ٻين پکين جا نسل به ختم ٿي ويا آهن انهن جو سبب به ٻيلا ختم ٿيڻ آهي ظاهر آهي جن جو جتي ڪو گهر نه هوندو اهو اتي رهي ڇا ڪندو، هن چيو ته هاڻ دريائي ٻيلن واري هنڌ خالي زمين ملندي يا اتي مقامي ماڻهن پاران فصل پوکيا ويا آهن، انهن ئي علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تائين اهڙن ماڻهن جون ڪيٽيون قائم آهن جنهن کي سرڪاري پشت پناهي حاصل آهي

پاڪستان ۾ پاڻي جا 3 سورس آهن، هڪ جبلن تان گلشيئر جي صورت ۾ پاڻي فراهم ٿئي ٿو جيڪي گرمي پد وڌڻ سبب رجن پيا، ٻيو زير زمين آهي جنهن ۾ به ڪمي اچي رهي آهي، ٽيون برساتون آهن جيڪي موسمياتي تبديلي سبب هاڻ غير متوازن آهن

سنڌ جي ايريگيشن کاتي موجب 2001ع کان وٺي 2020ع تائين اوسطن 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ جي سمنڊ تائين ڇڏيو ويو جيڪو معاهدي ۽ آڀياسي رپورٽ موجب 200 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي ها، جيڪا انگن اکرن موجب اها کوٽ 95 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي

ايريگيشن کاتي موجب سال 2001ع ۾ خريف ۽ ربي ۾ 7 لک 45 هزار پاڻي ڇڏيو ويو جڏهن ته معاهدي ۽ آڀياس موجب 10 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ملڻ گهرجي ها، اهڙي ريت هڪ ئي سال ۾ 3 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ڇڏيو ويو، سال 2002ع ۾ 19 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو، سال 2003ع ۾ 20 لک ايڪڙ فوٽ، 2004ع ۾ سپر فلڊ جي دوران 20 ملين ايڪڙ فوٽ، سال 2005ع ۾ صرف 2 لک 86 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو، اهڙي طرح 2006ع ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ، 2007ع، 21 ايم اي ايف، 2008ع ۾ 15 ايم اي ايف، 2009ع ۾ 5 ايم اي ايف، 2010ع ۾ 4 ايم اي ايف، 2010 ۽ 2011ع دوران پاڪستان ۾ سپر فلڊ آئي هئي جنهن سبب ڪوٽڙي کان هيٺ 54 ايم اي ايف کان به وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويو هو، جڏهن ته 2012ع ۾ 14  ايم اي ايف، 2013ع ۾ 6 ايم اي ايف، 2014ع 18 ايم اي ايف، 2015ع ۾ 6 ايم اي ايف، 2016ع ۾ 36 ايم اي ايف، 2017ع ۾ 10 ايم اي ايف، 2018ع ۾ 9 ايم اي ايف، 2019ع ۾ هڪ ايم اي ايف ۽ 2020ع ۾ 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌ کي فراهم ڪيو ويو

ايريگيشن کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو رابطو ڪرڻ  تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وفاق جي لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو آهي ته سنڌ کي 1991ع ٺاهه تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي پر ان باوجود وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي لکيل خط جو جواب نه ٿي ڏئي نه وري حصي موجب پاڻي ڏنو وڃي ٿو جنهن جي ڪري سنڌ ۾ هر سال سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وڃن ٿيون، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻي معاهدي تي عمل لاءِ سي سي آءِ اجلاسن ۾ به آواز اٿاريو آهي پر پوءِ به پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ڪيو وڃي

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ

پاڻي ماهر ادريس راجپوت جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻي جي شديد کوٽ آهي پر ان ڪمي جو هڪڙو سبب موسمياتي تبديلي به آهي ته ان سان گڏوگڏ پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ به وڏو سبب آهي، هن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ جي ختم ٿيڻ جوپ هڪ ئي طريقو آهي ته 1991ع واري ٺاهه تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي، توهان ڏسو ته پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي کان هيٺ زرعي علائقا ختم ٿي ويا آهن ۽ ڊيلٽا نه هجڻ جي برابر آهي سمنڊ جو ڏينهون ڏينهن چاڙهه وڌندو وڃي پيو ۽ ان زمين بنجر ڪري ڇڏي آهي