مورو (ن پ ا) مورو پريس ڪلب اڳيان ڳوٺ سمندر خان عالماڻي جي رھواسڻ مسمات عابدهه سومرو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته مڙس پيءُ، چاچن ۽ ڀائرن سان گڏجي تشدد ڪري ٿو، هن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ مڙس زاھد عالماڻي ٻن سالن جي نياڻي دعا کي گھران کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته ساهرا سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي، ھوڏانھن عورت جي ڏير محسن عالماڻي ڀاڄائي جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڀاءُ زاھد عالماڻي کي نياڻي دعا بختاور سميت گم ٿئي چوٿون ڏينھن آھي، جنھن جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي، اسان جي ڀاڄائي پنھنجي ڀاءُ رمضان سومرو ۽ پھرين مڙس شھزاد سان ملي مسلسل تنگ ڪري رهي آهي، هن معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي.