ميھڙ(ن پ ا) جماعت اسلامي جو سربراھ سراج الحق اڄ خميس ڏينھن تي ميھڙ پھچندو جتي ھو ميھڙ جي سٽي ھوٽل واري علائقي ۾ جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪندو ۽ بعد ۾ ميھڙ ڊگري ڪاليج ڀرسان ٻرڙا پئٽرول پمپ وٽ جلسي عام کي خطاب پڻ ڪندو ميھڙ جي معزز شخصيت پير آف ميھڙ سيد محمد شاھ پاران ڏنل چانھن پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ تحريڪ پاڪستان ، برصغير جي اڳواڻ اڳوڻو ايم ايل اي سيد علي اڪبر شاه جي مزار تي پڻ حاضري ڀريندو جڏھن ته جماعت اسلامي تعلقه ميھڙ ضلع دادو جي اڳواڻن پاران ميھڙ ۾ جلسي گاه کي تيار ڪيو ويو آھي.