مانجهند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان انڊس ھاء وي تي ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت ھڪ زخمي ٿي پيو. فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو. شالماڻي اسٽاپ تي حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار 35 ورهين جو دوست علي پٽ کوهيڙو فوت ۽ علي بهار کوسو زخمي ٿي پيو هو. پوليس ڊاٽسن تحويل ۾ وٺي ڇڏي. واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.