قمبر (رپورٽر) قمبر جي مين بوائز هاءِ  اسڪول جي استادن پاران  ضلعي انتظاميا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي هاءِ  اسڪول جي هيڊ ماستر مظفر چانڊيو، مختيار شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيوته  4000 هزارن کان وڌيڪ انرولمينٽ رکندڙ قمبر جو مين بوائز هاءِ  اسڪول ۾ هن وقت تائين تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪري اسڪول خالي ڪرايو وڃي.