مورو(ن پ ا) پابندي باوجود واپارين پاران ڪڻڪ ٻاھر منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري، فوڊ انسپيڪٽر مورو علي نواز يمڻ مورو کان ڪراچي کڻي ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل اصغر آرائين عرف ڪالي ۽ مشتاق سيٺار جي ٻن ٽرالرن کي پڪڙي ورتو مورو کان ڪراچي ويندي 600 ٻورين کي فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ پڪڙي فوڊ گدام تي لھرائي ڇڏيون. ان موقعي تي علي نواز ميمڻ چيو ته ڪنھن به واپاري کي ڪڻڪ ٻاھر موڪلڻ جي اجازت نه آھي اسان کي ٻه لک کان مٿي جو ٽارگيٽ مليل آھي جنھن کي پورو ڪرڻ لاءِ چيڪ پوسٽن تي ڪارروايون جاري آھن واپاري تعاون ڪن ۽ ڪڻڪ ٻاھر نه موڪلين ته جيئن ٽارگيٽ پورو ڪري سگھون.