حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ علي احمد نظاماڻي ۾ نينگر ڀيڻ سان ناراض ٿي مبينا طور ڦاهو کائي پگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي سيري ٿاڻي جي پوليس پهچي 12 ورهين جي نينگر ونيش پٽ فقيرو ڪولهي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب فوتي نينگر جي وارثن ابتدائي طور بيان ڏنو آهي ته هو منجهند جو گهران نڪري زمين جي ڪم ڪار تي ويل هئا، شام جو پاڙيوارن کين اطلاع ڏنو نينگر ونيش جو گهر جي ڇت ۾ ٻڌل رسي ۾ لاش لٽڪيل آهي، جنهن بعد هنن گهر پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب نينگر جو ڀيڻ سان جهيڙو ٿيو ۽ ڀيڻ پاران والدين کي جهيڙي جو ٻڌائڻ واري خوف ۾ نينگر مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، ٻي طرف فوتي نينگر جولاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.