ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار لڳ ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۾ مسجد جي پراڻي مامري تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب امجد لنڊ، عباس لنڊ، طارق لنڊ، وحيد لنڊ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻي طرف اطلاع تي واقعي واري هنڌ پوليس پهتي ته مڇريل ماڻهن اهلڪارن تي پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پوليس موبائل جا شيشا ٽٽي پيا ۽ پوليس اهلڪار ڀڃي جان ڇڏائي، جھيڙي سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ٻي طرف پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري سموري علائقي کي گهيري ورتو آهي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.