پشاور ۾ عورت 5 ٻارڙن کي جنم ڏنو، گهر ۾ خوشي جي لهر

0
400

پشاور (بيورو رپورٽ) پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ عورت 5 ٻارڙن کي جنم ڏنو، جيڪي صحتمند ٻڌايا پيا وڃن، اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجن پُٽن کي جنم ڏيندڙ عورت جو واسطو لڪي مروت سان آهي، ماءُ ۽ پنجن ٻارڙن جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي، سڀني جو خاص طور تي خيال رکيو پيو وڃي، جڏهن ته 5 ٻارن کي جنم ڏيندڙ عورت ۽ سندس گهرن وارن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.