سيوھڻ ويجهو مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب پورهيت فوت، ٻيو زخمي

0
238

سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي چوٿنڀي واري علائقي مور لڪ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي تي مٽي ڀريندڙ پورھيت 27 ورھين جو احسان پٽ جمال الدين پرارو مٽي جي ڀڪ مٿان ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڻس گڏ مزدوري ڪندڙ عرضي رند به دٻجي زخمي ٿي پيو، رڙين تي مقامي ماڻھن مٽي جي ڀڪ مان کيس ٻاھر ڪڍي ورتو، ڊاڪٽرن پاران احسان پرارو جي بر وقت موت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ بعد ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.