پنهنجي تصوير ڪهاڻي دل ٿيلهي ۾ کڻي گهمي ٿي ؟

0
347

39 سالن جي ھي ماءُ ان ٿيهلي (Bag) ۾ پنهنجي دل کڻي گھمندي آهي…!! ٻن ٻارڙن جي ماءُ سلوا حسين تقريبن 4 سال پھريان ھڪ آپريشن جي ذريعي ان جي ناڪاره دل کي ان ٿيهلي ۾ موجود مصنوعي دل ( Artificial Heart ) سان بدليو ويو ھيو، جنهن کي ھيءَ ان 6.7 ڪلو وزني ٿيلهي کي ھر جاءِ کڻي گھمندي آهي. سلوا حسين جي ان ٿيهلي ۾ ٻه بيٽريون آهن جيڪي ان جي جسم جي رت (Blood) کي پمپ ڪرڻ واري موٽر کي پاور مهيا ڪنديون آهن، ٻه وڏيون نڙيون (Tubes) جيڪي ان جي ناف کان ٿيندي ان جي ڇاتي تائين پهچن يا وڃن ٿيون. سلوا حسين وٽ ان ٿيهلي ۾ ھڪ اھڙو Stand By يونٽ ٻيو به آهي جيڪڏهن پهرين يونٽ ۾ ڪا خرابي اچي وڃي ۽ اھو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ته فوري طور تي ٻيو يونٽ حرڪت ۾ اچي ويندو آهي. ھي پنهنجي قسم جو ھڪ انوکو ڪيس آهي جيڪا برطانيا ۾ واحد مريض آهي.
(عرفان علي گوپانگ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)