مورو ( ن پ ا) دادو ضلعي جي رهواسڻ مسمات  رڪسار سولنگي جي 7 مهينن جي اغوا ڄاڻايل ٻارڙي کي درس پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته  ڳوٺ اميد علي ڀٽي ۾ ڪارروائي ڪري اغوا ڄاڻايل 7 مهينن جي  عائشه کي سندس پيءُ   وٽان بازياب ڪرائي ورتو آهي،  ايس ايچ او مير محمد رند موجب ته عدالتي حڪم تي ٻارڙي کي  سندس پيءَ تيمور ڀٽي وٽان بازياب ڪرايو، ٻارڙي کي ماءُ   رڪسار سولنگي حوالي ڪيو ويو آهي.