ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي مغوي گل ملڪ کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ڏوهارين کان مغوي کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرايو ويو، واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ اخواني روڊ تان مغوي گل ملڪ کي ڏوهاري اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا هئا، مغوي جي بازيابي تي گهر ۾ خوشي جو ماحول ڇائنجي ويو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي راڄوڻي ۽ ڊيل ذريعي بازياب ٿيو آهي.