سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ويجهو 2 مھينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان لياقت ساريو کي پوليس ڪلچ شاخ ڀرسان مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بازياب ٿيل نوجوان جي گهر پھچڻ تي سندس امڙ والد ۽ ٻين گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، پوليس موجب اطلاع مليو ته هٿياربند مغوي نوجوان کي انڙ پل ڀرسان ڪلچ شاخ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا آهن جنهن بعد مقابلي ۾ مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، مغوي جي  والد قائم الدين ساريو چيو ته شڪارپور جي ڪچي مان فون آيو ھو ته 30 لک ڀنگ ڏيو، مان سڄي صورت حال ايس ايس پي قمبر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ٻڌائي، فون نمبر به ڏنو پر هنن ڪجهه نه ڪيو، هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي بازيابي 10 لک ڀنگ عيوض ٿي آهي، پوليس انڙ پل چوڪي ڀرسان مقابلي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهي آهي.