مورو (ن پ ا) سيپڪو سکر ٽاسڪ فورس جي انچارج عقيل جوڻيجو جو مورو ۾ بجلي چورن خلاف ھنيل ڇاپن کانپوءِ بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو مورو جي 2 لائين مينن پرويز علي ملاح ۽ دربان علي کوسو کي سي او سيپڪو سکر چوڌري محمد سليم معطل ڪري انڪوائري مقرر ڪري ڇڏي ۽ بجلي چوري ۾ ملوث ھجڻ جي الزام هيٺ ايس ڊي او مورو عبدالوحيد راڄپر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ٽاسڪ فورس جي انچارج عقيل جوڻيجو ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مورو جي مختلف علائقن م بجلي چورن خلاف ڇاپا هنيا ويا هئا 200 جي لڳ ڀڳ چوري جا ڪنيڪشن پڪڙيا ويا ھئا، بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو مورو جي 2 لائن مينن پرويز علي ملاح، دربان علي کوسو ۽ ايس ڊي او عبدالوحيد راجپر خلاف سي او سکر کي آگاهه ڪيو ويو ھو جن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ بجلي چوري ۾ جيڪو به ملازم ملوث ھوندو ھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي چوري ۾ ملوث ٻن لائن مينن خلاف معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.