ماتلي (ن پ ا) ماتلي شھر واپڊا ڪالوني جي رھواسڻ 9 ٻارن جي ماءُ 30 ورھين جي ناھيده بروھي زخمن جا سور نه سھندي سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويئي. وارث ماتلي ٿاڻي اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو ۽ دانش عرف ڀولو رانگڙ تي الزام ھنيو ته هن ناريءَ کي ساڙي ماريو آھي. ٻئي طرف ماتلي پوليس ناري جي چاھيندڙ ڀولو کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ناري ناھيده بروھي جي قتل وارو معاملو ڳجھارت بڻيل آھي. ناري جي مڙس نظام بروھي جو چوڻ آھي ناھيده ھن سان گڏ نه رھندي ھئي ۽ ھو دانش سان رھندي ھئي ۽ اسان کي شڪ آهي ته کيس ھن ئي باھ ڏيئي قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڀولي جو چوڻ آھي ته آئون گھر پھتس ته ناھيده کي باھ لڳل ھئي. مون باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ تي ضابطو نه آيو ۽ ھو سڙي شديد زخمي ٿي پئي ھئي ۽ حيدرآباد سول اسپتال ۾ علاج ھلندڙ ھو جتي فوت ٿي ويئي. جڏھن ته پوليس پاران وڌيڪ جانچ ھلندڙ آھي.