ملير (رپورٽر) اسٽيل ٽائون پوليس جي گلشن حديد ويجهو ڪارروائي، ڪار ۽ موٽرسائيڪل لفٽنگ ۾ ملوث بلوچستان پوليس جا 2 اهلڪار گرفتار، جوابدارن وٽان چوري ڪيل موٽرسائيڪل، پسٽل ۽ موبائل فون هٿ. خبر موجب اسٽيل ٽائون پوليس گلشن حديد ويجهو ڪارروائي ڪندي ڪار ۽ موٽرسائيڪل لفٽنگ ۾ ملوث بلوچستان پوليس جي ٻن اهلڪارن آصف ۽ عبدالقادرکي گرفتار ڪري جوابدارن وٽان چوري ڪيل موٽرسائيڪل، پسٽل ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتا. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٻڌايو ته بلوچستان پوليس جا 2 اهلڪار ڪراچي ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل لفٽنگ ڪندا هئا، جيڪي بلوچستان جي علائقي لسبيلا ۾ مقرر هئا. هن چيو ته گرفتار اهلڪارن کي جتي به روڪيو ويندو هو ته پوليس جو ڪارڊ ڏيکاري آسانيءَ سان نڪري ويندا هئا. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ پڇاڳاڇا لاءِ اي وي ايل سي حوالي ڪيو ويو آهي.