حڪومت پاران 85 ڪالعدم تنظيمن کي عطيو ڏيڻ تي پابندي

0
444

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) حڪومت 85 ڪالعدم تنظيمن کي عطيو ڏيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم (نيڪٽا) جي طرفان ڪالعدم تنظيمن جي فهرست ٿاڻن ڏانهن موڪلي وئي آهي، نيڪٽا جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجي زڪوات، خيرات ۽ عطيو منظور ٿيل سماجي تنظيمن کي ڏين، ياد رهي ته گهرو وزارت گذريل ڏينهن ڪالعدم تنظيم ٽي ايل پي تي چندو گڏ ڪرڻ تي به پابندي لڳائي هئي.