اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو. صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ سڀني سياستدانن کي گڏ ويهي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ تي زور ڏنو آهي. صدر علوي چيو ته سياستدان گڏ ويهي ملڪ کي بحران مان ڪڍن، ڇو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ ڪو به وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته درگزر، امن ۽ سلامتي کي لبيڪ چئو.