اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته عدالتي تاريخ ۾ عمران خان لاءِ ضمانتن جي آچر بازار لڳائي وئي آهي، هاڻي زخمي ٿيل پوليس وارن کي حڪم ڏيڻ باقي آهي ته اهي زمان پارڪ وڃي عمران خان کان معافي وٺن، ڪجهه منٽن ۾ 8 ضمانتون ڏيڻ دنيا جو تيز ترين انصاف آهي “مبارڪ هجي پاڪستانيو”، هن چيو ته عدالت، رياست، قانون ۽ رياستي فورس سان وڙهڻ عمران خان جي مطابق جهاد آهي، قانون جي وزير ۽ وزيراعظم پاران عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪرڻ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جو فيصلو نه آهي.