لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ آپريشن، پوليس تي پيٽرول بم حملا،61 ڪارڪن گرفتار، هٿيار هٿ، حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پنجاب پوليس جو زمان پارڪ ۾ آپريشن، درواز ٽوڙي عمران جي گهر ۾ داخل، پوليس تي فائرنگ، پيٽرول بم اڇلايا ويا، 3 پوليس اهلڪار زخمي، 61 ڪارڪن گرفتار، پنجاب پوليس جوڊيشل مئجسٽريٽ کان اجازت ملڻ بعد زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪيو، سي سي پي او لاهور آپريشن جي نگراني ڪئي، پوليس در ٽوڙي عمران خان جي گهر اندر داخل ٿي وئي، پوليس سان گڏ موجود اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم ڪرين ذريعي عمران خان جي گهر جو در ٽوڙيو ۽ ڀت ڀڃي ڇڏي، رهائشگاهه ٻاهران موجود مورچن ۽ حددخلين کي به هٽايو ويو. پوليس آپريشن دوران تحريڪ انصاف 61 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. عمران خان جي گهر اندران پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ پيٽرول بم ۽ پٿر به اڇلايا ويا، جنهن سبب 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس جي قيدي وين ۽ واٽر ڪين به آپريشن جي موقعي تي موجود هئي، پوليس طرفان اسپيڪر ذريعي قلم 144 جو اعلان ڪيو ويو ۽ زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه جي ڀرپاسي موجود ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس آپريشن شروع ڪيو ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جو چوڻ آهي ته عمران خان جي رهائشگاهه جي ڀرپاسي ڏنڊن سان ڪارڪن موجود هئا، اهي زمان پارڪ جي گرائونڊ ۽ عمران خان جي رهائشگاهه ڀرسان ڪئمپن ۾ موجود هئا. پوليس طرفان زمان پارڪ ۾ موجود ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي وئي، عمران خان جي رهائشگاهه تان پيٽرول بم ٺاهيندڙ بوتلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا آهن، زمان پارڪ ۾ آپريشن کانپوءِ نگران وزير اطلاعات عامير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پنجاب پيٽرول بم ميڊيا کي ڏيکاريندي چيو ته هي هٿ آيل پيٽرول بم آهن، اسان اها جاءِ به ڏٺي جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا هئا، واري جون ٻوريون رکي بنڪر ٺاهي نوگو ايريا جو هڪ تاثر پيدا ڪيو ويو هو، آپريشن دوران عمران جي گهر جي حدن مان هٿيار هٿ آيا، اڃا هٿيار موجود آهن، آءِ جي چيو ته زمان پارڪ ۾ ڪيل آپريشن ٻن سبب ڪري روڪيو ويو، هڪ سبب هاءِڪورٽ ۾ داخل درخواست آهي ۽ ٻيو سبب پي ايس ايل ميچ هو، عدالت جي حڪم سبب آپريشن روڪيو ويو، ان کانپوءِ هڪ سلسلو شروع ٿيو،اتي عدالت ڪليئر ڪيو ته جاچ جي عمل کي روڪي نه ٿو سگهجي، عدالت اهو نه ٿي چئي سگهي ته هن ڪارروائي کي روڪيو وڃي، عدالت ڌرين کي چيو ته گهر اندر وڃڻ لاءِ سرچ وارنٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ڪا اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي، جاچ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت اسان جديد ترين ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي تصويرون، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جيو فينسنگ ۽ جيو ٽيگنگ ذريعي اسپيشل برانچ، ڊيٽيڪٽو فورٽس ڪانسٽبلز جي رپورٽ تي ٻين ايجنسين جي تعاون سان انهن ماڻهن جي رپورٽ تيار ڪئي، جيڪي مختلف هنڌن تان لاهور ۾ ايندا آهن ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندا آهن. هن چيو ته پوليس انهن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ وئي ته ٻيهر شديد مزاحمت ڪئي وئي، شديد مزاحمت بعد ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن بيگناهه شخص جي گرفتاري نه ڪئي ويندي، گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، اسان سرچ وارنٽ حاصل ڪيا ۽ ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪيو ته انهن ٻڌايو ته عمران خان هن وقت موجود ناهي، اسان اتي ان جو انتظار ڪيو، ان وقت به اتي نفري موجود هئي ۽ قانون  مطابق اجازت ملڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته ان دوران ڏنڊن، چدن، گليلن سان پوليس تي حملو ڪيو ويو، جنهن تي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي رهائشگاهه مان هٿيار هٿ ڪيا آهن، جن ۾ 16 رائفلون، 5 ڪلاشنڪوف ۽ گوليون شامل آهن، جڏهن ته زمان پارڪ مان شراب جون بوتلون به هٿ آيون آهن، پوليس ذريعن موجب شروعاتي طور تي اهي هٿيار سرڪاري نظر نه پيا اچن. امڪان آهن ته اهي هٿيار اهي آهن جيڪي وزيراعظم جي طور تي عمران خان کي ڏنا ويا هئا. جنهن کانپوءِ عمران خان ان کي واپس نه ڪيو هو.

لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير تحريڪ انصاف کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، رانا ثناءُ الله چيو آهي ته زمان پارڪ مان غيرقانوني هٿيار مليا آهن، اتي ڪالعدم تنظيمن جا ماڻهو به موجود هئا، تحريڪ انصاف کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ لاءِ اهي ثبوت ڪافي آهن. لاهور ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪافي شيون سامهون اچي ويون آهن، اسانجي پارٽي جي قانوني ٽيم هاڻ ان تي غور به ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ عدالت ذريعي ئي ڪنهن پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته لاهور ۾ پنجاب پوليس ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان نوگو ايريا خلاف ڪارروائي ڪئي، هڪ نام نهاد سياسي اڳواڻ خوف جو ماحول ٺاهي ڇڏيو هو، هن جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي ۽ پاڻ گهر ۾ مورچابند ٿي تحريڪ هلائي رهيو هو، عدالتي حڪم تي عمل تي مزاحمت ٿي ته تاثر مضبوط ٿيو ته هتي دهشتگرد تنظيم ٿي سگهي ٿي، پوليس زمان پارڪ ۾ نوگو ايريا کي ڪليئر ڪيو ۽ سرچ وارنٽ هجڻ باوجود اهلڪار رهائشي حصي ۾ داخل نه ٿيا، گهر جي ٻاهرين حصي مان 65 اهڙا ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، جن مان اڪثريت جو تعلق پنجاب سان ناهي، انهن جو ڪردار شڪي آهي، جڏهن ته زمان پارڪ مان هٿيار، گليلون، پيٽرول بم ٺاهڻ جو سامان به هٿ آيو آهي، هي سڀ شيون پوليس خلاف استعمال ٿي رهيون هيون، رانا ثناءُ الله چيو ته سڄي قوم ڏسي ته هن شخص جو ڪردار ڪهڙو آهي، هن جو مقصد ملڪ ۾ فتنو ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، هي گذريل 10 سالن کان پنهنجي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي،هي حڪومت ۾ هوندي به ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهيندو هو، ڪهڙو بدبخت ٽولو آهي جو چوندو هو ته آئون 500 ماڻهن کي مني لاندرنگ تي ڦاهي ڏيڻ چاهيان ٿو، بلڪل ان ئي وقت فرح گوگي 12 ارب جي مني لانڊرنگ ڪري رهي هئي ۽ ان القادر ٽرسٽ جي نالي تي 7 ارب جي ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي، توشا خانه جون چوريون ۽ ٽيريان ڪيس سڀني جي سامهون آهي. گهر وزير چيو ته سزا جي خوف کان عمران عدالتن ۾ پيش ٿين کان انڪاري آهي، اسانجي پوليس عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ مٿا ڦاڙايا پر ايترو پريشر پيدا ڪيو جو هن کي چوڻو پيو ته آئون عدالت ۾ پيش ٿيندس، عمران خان سان گڏ 100 هٿياربند موجود هئا، عدالت ۾ پيشي کان هڪ ڏينهن اڳ هن سمورن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ڏني وئي، اسان جڏهن به عمران جي گرفتاري جو سوچيندا آهيون ته عدالت کي رليف ڏئي ڇڏيندي آهي، اهڙو سلوڪ کيس وڌيڪ بدمعاش بڻائڻ لاءِ سهولتڪار ثابت ٿيندو، ان سان هن کي حوصلو ملندو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شرمندگي ٿيندي آهي، عدالت ۾ به هن جو انتظار ڪيو ويندو آهي، هن کي چيو ته جنهن پوائنٽ تي اوهان چوندا، اسان اوهان کي سيڪيورٽي ڏينداسين پر هن جٿي جي صورت ۾ وڃڻ مناسب سمجهو، عدالت جو حڪم هو هڪ ته فهرست مطابق ماڻهن کي اندر داخل ٿيڻ ڏنو وڃي، پهرين ميڊيا کي به ٻاهران رپورٽنگ ڪرڻ جو حڪم هو بعد ۾ ميڊيا کي عدالت ڪوريج جي اجازت ڏئي ڇڏي، گهرو وزير چيو ته عمران نيازي گهٽ ۾ گهٽ 300 کان 400 هٿياربندن سان گڏ عدالت جي احاطي ۾ پهتو ۽ چيو ته ايئن ئي عدالتي ڪمري ۾ وڃڻ چاهيان ٿو، پوليس کي ماڻهن کي هٽائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻو پيو،عدالت کي هن کي گاڏي مان لهرائي عدالتي ڪمري ۾ طلب ڪرڻ گهرجي ها يا هن فتني کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ها ته سندس بدمعاشي کي لغام اچي وڃي ها، انتهائي افسوس آهي ته گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي، مون ٻڌو آهي ته حاضري تي صحيح وارو فائل به گم ٿي ويو آهي. رانا ثناءُ الله چيو ته اسان عدليا جو احترام ڪندا آهيون،آئون درخواست ڪندس ته ان رويي سبب عمران جي حرڪتن ۾ اضافو ٿيو آهي، هي بزدل ماڻهو آهي، هن کي جيل جو ايترو خوف آهي جو گرفتار ٿيندي ئي هن کي دل جو دورو پئجي ويندو،هاڻ پاڻ اسان کي مهينن جا مهينا جيلن ۾ رکيو، گهرن جو کاڌو به فراهم ڪرڻ نه ڏنو. عمران خان پنهنجي دور ۾ چوندو هو ته منهنجو وس هلي ته اپوزيشن کي ختم ڪري ڇڏيان، هن چيو ته عمران خان کي غيرمعمولي رليف ملڻ بند ٿي وڃي ته ڏينهن ۾ سڌو ٿي ويندو.