اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي گذريل ڪجهه ڏينهن جي حرڪتن سان سندس فاشسٽ هجڻ ظاهر ٿي ويو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماڻهن کي انساني ڍال بڻائي پوليس تي پيٽرول بم حملن ۽ عدليه کي ڌمڪائڻ لاءِ جٿن جي قيادت تائين عمران نيازي جو فاشسٽ ۽ عسڪريت پسند ٿيڻ ظاهر ٿي ويو آهي، هن چيو ته عمران نيازي واضح طور تي ڀارتي انتهاپسند جماعت آر ايس ايس جي پيروي ڪري رهيو آهي.