اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پيشي جي موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب عمران خان جي حوالي سان نعرو لڳائيندي چيو ته اسان جان ڏينداسين خان نه ڏينداسين، هن موقعي تي هو لائوڊ اسپيڪر تي ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو عمران خان سان پيار ڪري ٿو اهو پوليس جي گاڏين جي ٽوڙ ڦوڙ ڪندو، عمران خان کي عدالتي پيشي کان پوءِ گڏ وٺي وينداسين.