حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ليگل رائٽس فورم پاران امن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پريس ڪلب ۾ احسن علي، بوٽا امتياز، بلاول مسيح ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تنظيم مختلف ادارن جي تعاون سان ٻارن جي تحفظ، تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ امن لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي. هنن چيو ته هر سال اهو ڏينهن 21 سيپٽمبر جي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 2013ع ۾ اهو ڏينهن گڏيل قومن پاران امن لاءِ وقف ڪيو ويو هو. اڳواڻن چيو ته اسان هن وقت ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا کان بچاءَ لاءِ وڙهي رهيا آهيون ان لاءِ عوام کي تخليقي ۽ اجتماعي طور تي سوچڻ جي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته مقامي حڪومتن ۽ ڪميونٽي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن امن جي فضا کي بحال ڪرائي سگهجي.