ميرپورساڪرو (ن پ ا) ميرپورساڪري شھر جي قريشي مارڪيٽ مان چور غلام اصغر حيدري جي دڪان جا تالا ٽوڙي 82 ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف شهرين دانهيندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.