واهي پانڌي (ن پ ا) هفتو اڳ قتل ٿيل نوجوان مبارڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي جمن ٻٻر ياسين، ضمير ستار ٻٻر ۽ ٻين دانهيو آهي هڪ هفتو اڳ 15 سالن جي مبارڪ ٻٻر کي ڪهاڙيون هڻي بي دردي سان قتل ڪري لاش جهنگل ڦٽو ڪري ويا، هفتو گذرڻ باوجود هن مهل تائين مک جوابدار سليمان ٻٻر، شريف ٻٻر سرعام گهمي رهيا آهن اڃان به اسان کي ڌمڪائي رهيا اسان ڊرگھ بالا پوليس وٽ بار بار وڃڻ باوجود پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن ايس ايس پي دادو ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.