پوليس اهلڪارن کي ريڙهي مان بنا پيسي جي کاڌو کائڻ مهانگو پئجي ويو

0
295

ڪراچي(م ڊ) راولپنڊي ۾ پوليس اهلڪارن کي ريڙهي مان بنا پيسي جي کاڌو کائڻ مهانگو پئجي ويو.

مڊيا رپورٽس موجب ماني کائي بل ادا نه ڪرڻ وارن اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ ريڙهي مان ڀيٽ ڀري ماني کائڻ باوجود بل ادا نه ڪرڻ تي چارئين اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.

ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) راولپنڊي ريڙهي واري وٽ وڃي معافي گهري ۽ ماني جو بل به ادا ڪيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي پوليس جي 4 اهلڪارن ريڙهي واري کان ماني کائي پيسا ڏيڻ بنا هليا ويا هئا.