حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران ڪرايل انٽر ڊپارٽمينٽل والي بال ٽورنامينٽ ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم 2-1 تان سول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو. مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران ڪرايل والي ٽورنامينٽ ۾ مختلف شعبن جي ڪل 16 ٽيمن حصو ورتو. مهراڻ يونيورسٽي جي جمنازيم ۾ ٿيل فائنل ميچ ۾ مڪينيڪل شعبي جي ٽيم سول انجنيئرنگ کي هارائي ٽورنامينٽ جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي فائنل ميچ کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا.