سڊني(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو ڇڪو هڻڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. سڊني جي وڏي ميدان تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ڏکئي وقت ۾ افتخار احمد 51 رنز جي ذميواراڻي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو بلڪ ايونٽ جو سڀ کان وڏي ڇڪي جو رڪارڊ به پنهنجي نانءِ ڪيو. افتخار احمد 16 هين اوور ۾ فاسٽ بالر اين گڊي کي ليگ اسٽمپ تي زوردار ڇڪو لڳايو جيڪو 106 ميٽر ڊگهو هو. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي جارحاڻي بيٽر ڊيوڊ ملر ڀارت خلاف 104 ميٽر ڊگهو ڇڪو هنيو هو جڏهن ته آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ نيوزيلينڊ خلاف 102 ميٽر ۽ آسٽريليا جي ئي مچل مارش آئرلينڊ خلاف 102 ميٽر ڊگهو ڇڪو لڳايو هو. ان فهرست جي پنجين بيٽر جو تعلق به آسٽريليا سان آهي، اسٽوئنس سريلنڪا خلاف 101 ميٽر ڊگهو ڇڪو لڳايو هو.