ڪراچي(شوبز نيوز) پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي قافلي تي فائرنگ جي واقعي تي شوبز شخصيتن سخت مذمت ڪئي آهي. اداڪار شان شاهد عمران خان جي تصوير شيئر ڪندي هن جي سلامتي جي دعا ڪئي ۽ لکيو ته خدا هن جو مددگار ٿيندو. عدنان صديقي زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. عثمان خالد بٽ به واقعي جي مذمت ڪئي. ڳائڻي علي ظفر واقعي جي مذمت ڪندي لکيو ته مونکي اڄ به بينظير ڀٽو قتل کانپوءِ ٿيندڙ هنگامون ۽ تشدد ياد آهي. اسان جو ملڪ اهڙي ٻئي ڪنهن واقعي کي برداسٽ نٿو ڪري سگهي، ملڪ کي عمران خان جي ضرورت آهي. وينا ملڪ لکيو ته اهي گوليون خان تي نه 22 ڪروڙ عوام جي دل تي هليون آهن. فريحه الطاف، فخر عالم، ارمينه خان، ارسلان نصير به اڳوڻي وزيراعظم سميت فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ٻين ماڻهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.