ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنطيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرنا هنيا ويا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ٽريڊ سينٽر يونين فيڊريشن جي سڏ تي ڪامريڊ عبدالغني ڪلهوڙو، اسد راهو، مينهل انصاري جي اڳواڻي ۾ لاهوري محلي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن مشتاق احمد، نعيم ملڪ، اڪبر چشتي، احسن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شڪارپور ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان مولانا چاڪر خان، ظهير الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران حافظ صدام بروهي، واحد بخش مگسي، حافظ امان الله بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٺي ۾  پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن ارباب انور جبار، دلاور مالڪاڻي، ارباب ظفر الله، لجپت سوراڻي، ارباب عمران، فقير ارشاد ڪنڀر، قربان سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، قمبر ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان حافظ نديم خاصخيلي ۽ غلام رسول قادري جي اڳواڻي ۾ ۽ درزي يونين طرفان خالد چانڊيو ۽ سڪندر جهنڊيل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، بدين ۾ تحريڪ لبيڪ پاران نادر علي ميمڻ، مولانا فيضان خليل ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، ٺٽو ۾ تحريڪ لبيڪ پاران ارشد، مولانا زبير، محمد عمر امجدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٿاڻوبولاخان ۾  تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان احتجاج ڪيو ويو، پنگريو ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران  طارق محمود آرائين، حافظ رمضان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سيوهڻ ۾ تحريڪ لبيڪ پاران عبدالستار سومرو، حافظ دوست محمد شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سجاول ۾  تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران غلام سرور عرف بابو جمن کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، چوهڙ جمالي ۾ شاهبندر سجاڳ فورم پاران مهانگائي خلاف نجيب الله ميمڻ، رحيم بخش جمالي، نظير ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ گڏهه گاڏي وارا به شامل ٿيا، ڏوڪري ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، ولي محمد برھماڻي، فوجي جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو، ڀرياسٽي ۾ تحريڪ لبيڪ پاران ياسر آرائين، حافظ امين راڻا، شاھد رضوي، اسماعيل ڊکڻ، جنيد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ مهانگائي خلاف تحريڪ لبيڪ پاران جمعي نماز بعد راشد شاهه قاسمي، جنيد جان قاسمي، بدرالدين ميمڻ، قربان علي ٻرڙو، عبدالحميد ميمڻ، قاري رفيق احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڇاڇرو ۾ تحريڪ لبيڪ پاران امتياز عالم راهمون، امداد امين سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته حڪومت تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري مهانگائي جو طوفان آندو آهي، هنن چيو ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي.