ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد سردار شاھ چيوآهي  ته ثقافت کاتي صوبي ۾ ڪيترائي ادبي ۽ ثقافتي ميلا لڳايا، قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي دهشتگرن ڌماڪو ڪيو پر پوء به ثقافت جاري رهي، اسين ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏيندا آھيون، ثقافتي سرگرمين جي مخالفت ڪندڙ ٻڌائين ته اھي ڪنهن کي موقعو ڏيڻ چاھين ٿا؟ ايس ايل ايف جي افتتحاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، اسان هميشه محبت جو پيغام ڏنو آهي،    اسانجا ڪنهن سان به ڪي اختلاف ناهن، اسانجي سڀني سان محبت آهي، ثقافت سنڌو ندي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي,  افتتاحي سيشن کي آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ، ليکڪا نورالھدي شاھ،  نصير گوپانگ ۽ ٻين  خطاب ڪيو، هوڏانهن فيسٽيول  کي خطاب ڪندي نامياري صحافي سليم صافي چيو ته سنڌ پاڪستان جو اھو آمريڪا آھي,  جيڪو ٻين کي آباد ڪري ۽ پاڻ اقليت ۾ تبديل ٿي رھيو آھي،  سنڌ جو شھر ڪراچي ھن وقت پختونن جي اڪثريت وارو شھر آھي ـ سينيٽر مشاھد حسين چيو ته سنڌ جي گادي واري ھنڌ ڪراچي ۾ سنڌين جي اڪثريت ناھي،  ثقافت ۽ محبت ماڻهن کي ڳنڍي ٿي پر سنڌ ۾ مزاحمت به رھي آھي، ـ ايم آرڊي  واري تحريڪ پاڪستان جي وڏي مزاحمتي تحريڪ رھي آھي .