ڪراچي (نمائندن وٽان)بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران  سفير نظاماڻي سانول گوپانگ   آمنا چانڊيو گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪڙيو گھنور  کان گولاڙچي تائين مارچ ڪيو، بعد ۾  شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ٺٽو ۾ ڊجيٽل آدم شماري، سنڌو درياءَ ۽ ٻين وسيلن تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران   مڪلي کان  پبلڪ پارڪ کان رڪشا اسٽاپ ٺٽو تائين 4 ڪلو ميٽر مارچ ڪري  وڪيل منور ڀٽو، ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، عبيد جماري، حبيب الله پليجو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو  ويو. ڪوٽڙي ۾ ڊجيٽل آدمشماري  ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙن خلاف   قومي عوامي تحريڪ پاران مقصود جهتيال، مبارڪ احمداڻي، ذاڪر گرگيز، شبير ساند، اياز ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري احتجاج ڪيو. ڪڙيو گھنور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سفير نظاماڻي سانول گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 20 ڪلوميٽر مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.