ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شھرين جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري سمير  آفريديءَ جي امڙ عدالتي ڪمري ۾ رڙيون ڪندي چيو آهي ته منھنجو پٽ جيئرو آھي يا مري ويو؟ مونکي رڳو اهو ٻڌايو وڃي، پوليس وارا هر ٻڌڻي تي ڪوڙيون رپورٽون ڏين ٿا، منهنجي پٽ کي نمائش چورنگي وٽان کنڀيو ويو ھو، جنھن  تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته توھان جي پٽ جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، عدالت سمير جي بازيابي لاءِ پوليس اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي،