مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ويجھو ڳوٺ فضل تلھاڻي وٽ لنڊو شاخ جي پل ٽٽي پئي، جنھن سبب ڳوٺ فضل تلھاڻي جو نوابشاهه، شھدادپور، مقصودو رند، شاھپور چاڪر ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي، پل ٽٽل ھئڻ ڪري مريضن، اسڪولي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيو آهن، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بجلي جي ٿنڀي ذريعي گذرگاهه ٺاھيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن دودو تلھاڻي، حاجي تلھاڻي، شھزاد تلھاڻي، مٺو تلھاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جي واحد گذرگاهه شاخ مٿان ٺھيل پل آھي، جيڪا ڪافي ڏينھن اڳ ڪري پئي آھي، هنن پل تعمير ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.