نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۾ ڳوٺ محمد صديق دل واسي ڪولهي برادري جي ماڻهن گهرن تي مبينا حملي ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پهلاج ڪولهي، ناگجي ڪولهي، آچن ڪولهي ۽ ٻين ٻڌايو ته بااثر زميندار خالد دل پيسن جي معاملي تان پورهيت آچن ڪولهي ۽ عالم ڪولهي جي گهرن تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل زميندار خالد دل جو چوڻ آهي ته هارين مون کان قرض کنيو هو، جيڪي پيسا ڦٻائڻ لاءِ هنن ڊرامو رچايو آهي، جڏهن ته مون ڪنهن به قسم جو حملو ناهي ڪيو.