حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ منڇر ڍنڊ جي زهريلي پاڻي ۾ مڇي جي ٻيجاري  تي ڏنل اسٽي باوجود نوان ٽينڊر ڪرڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کي ڪاميٽي ٺاهي منڇر جو پاڻي چڪاس ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بوبڪ واسي محمد شريف ملاح درخواست داخل ڪرائي هئي ته 2019ع کان 2021ع تائين منڇر ڍنڍ ۾ مڇي جو 62 لک ٻيجارو ڇڏيو ويو هو پر پاڻي زهريلو هئڻ سبب لڳ ڀڳ 32 ڪروڙ رپين جي مڇي وڌڻ بدران پاڻي ۾ ئي مري وئي. 2021ع دوران عدالت اسٽي جاري ڪندي فشريز کاتي پابند بڻايو هو ته پٽيشن جو فيصلو اچڻ تائين نه ئي ٻيجارو خريد ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪا رقم جاري ڪئي ويندي پر تنهن باوجود لاڳاپيل کاتي ٻيهر مڇي جي ٻيجاري لاءِ 15 ڪروڙ رپين جا ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد شفيع صديقي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتي اسٽي باوجود منڇر ڍنڍ ۾ مڇي جو ٻيو ٻيجارو ڪيئن ڇڏيو ۽ نوان ٽينڊر ڇو جاري ڪيا آهن تنهن تي عملدار عدالت کي ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏئي سگهيا. عدالت ڊي جي کي حڪم ڏنو ته ٽن يونيورسٽيز جي عملدارن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا منڇر ڍنڍ جو پاڻي ۽ مٽي جي چڪاس ڪري ته ڍنڍ ۾ موجود پاڻي توڙي مٽي مڇي جي ٻج لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار ثابت ٿي. عدالت 6 ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.