ٽنڊوالهيار  (رپورٽر) مسلم ليگ( ن ) جي اڳوڻي سينيٽر راحيلا گل مگسي پنهنجي ئي پارٽي جي خلاف ٿي وئي،  سندس چوڻ هو ته هي 16 جماعتن جو ٽولو پنهنجين چورين ۽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ لاء گڏ ٿيا آهن، اھڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو تہ مونکي عمران خان پاران اعلانيل لانگ مارچ ڪامياب ٿيندي  نظر اچي رهيو آهي. ۽ اڳوڻين حڪومتن عوام لاء ڪجھ نہ ڪيو جيڪو ڪجھ ڪيو پنهنجي ذات لاء ڪيو ۽ چنڊ من پسند ماڻهن لاءِ ڪيو، ھن چيو تہ اسيمبليون ٽٽنديون ۽ بلدياتي بجاءِ جنرل اليڪشن ٿيندي نظر اچي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ان جي باوجود مون چورن لٽيرن لاءِ ميدان خالي نہ ڇڏيو آهي، مونکي هي امپورٽيڊ حڪومت پوري ٿيندي نظر نہ پئي اچي هي حڪومت ڪجھ ڏينهن جي مهمان آهي. عمران جو لانگ مارچ حڪومت کي لوڙي ڇڏيندو،  ڊاڪٽر راحيله گل مگسي ڪافي ڀيرا سياسي وابستگي تان ڦري چڪي آهي. آزاد مگسي تحاد کان شروعات ڪندڙ راحيله مگسي فنڪشنل مسلم ليگ کانپوءِ مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪري سينيٽر ٿي، هن بيان مان لڳي ٿو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر  پي ٽي آئي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي.