مورو (ن پ ا) مورو شھر جي گلشن مختيار ڪالوني مان 10 ڏينھن اڳ پراسرار نموني اغوا ٿيل 5 سالن جي معصوم نينگري انمول ڌيءُ نواب علي منگي جو پتو نہ پئجي سگهيو آهي،  ان حوالي   سان اغوا ٿي ويل ٻارڙي جي امڙ مسمات سيما، پيءُ نواب علي منگي، ڀاءُ رحمان ۽ ڀيڻ مسڪان منگي ھٿ ٻڌي روئيندي ٻڌايو ته اسان جي معصوم نياڻيءَ گھر کان ٻاھر نڪري دڪان تان شيءِ وٺي وئي واپسي تي اغوا ٿي وئي، ھنن چيو تہ اسان اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر نياڻي جو پتو ناهي پيو، هنن چيوته اسان جي ڪنھن سان بہ   دشمنيءَ ناھي، نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.