سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ يوسي ڀورا جي ڳوٺ الھداد چانڊيو جي رهواسين انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ٻارڙن کي  پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ۾ آيل پوليو ٽيم کي واپس موٽايو ويو، ان حوالي سان ڳوٺاڻن اميراحمد چانڊيو، لکاڏنو، قمر الدين، گلزار چانڊيو۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان ورهين کان ڳوٺ ۾ رهون پيا پر انتظاميا مقامي ڳوٺاڻن  کي مالڪاڻا حق ڏيڻ بدران سڪرنڊ جي بااثر شخص کي ڳوٺ جي زمين کڻت ۾ ڏئي ظلم ڪيو آهي،  ھاڻ اسان کان ڳوٺ خالي ڪرايو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، جيستائين مسئلو حل نه ٿيندو، پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رکنداسين. هوڏانهن پوليو مهم ٽيم جي انچارج ڊاڪٽر شفقت گل چيو آهي اھڙي معاملي جي آفيسرن کي آگاهي ڏني آهي.